ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دوري جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. سريلنڪا جي دوري جي پهرين ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ س??يلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سياحت، ماحولي??ت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران وزيراعظم جي ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، وزيراعظم جي اوورسيز پاڪستانين واري خاص معاون ذوالفقار علي بخا??ي ۽ ٻين صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس سريلنڪن هم منصب پڻ موجود هو.