گڏيل قومون- 19 مئي (اي پي پي)پاڪستان آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت گذريل سا?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثرن کي فوري خطرن کان بچائ?? لاءِ تيز ??فتاري سا?? ريسڪيو ۽ رليف جون ڪارروايون ڪيون. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت وڏن مالي چئلينجن باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي فوري خطرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪر?? لاءِ حڪومت پاڪستان ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين سينڊائي فريم ورڪ فار ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن 30 – 2015ع تي نظرثاني لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ 17 سئو فوتگين سا?? گڏوگڏ ملڪ جو چوٿون حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب ٿيل نقصان 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، اهڙي طرح پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پنهنجي منصوبن کي عملي جامو پارائڻ ۾ هڪ مشڪل چئلينج درپيش آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي فوج، خاص طور تي فوج جي قي??دت ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪاررواين سا?? بحالي جي شروعاتي مرحلي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ اثرن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو. هن ان موقعي تي گلوبل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فنڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ان حوالي سا?? علائقائي سطح تي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جي ضرورتن کي ماحولياتي مالي مدد کان ڌار ڪري سگهجي. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان زلزلي سبب متاثر ترڪي ۽ شام جي لاءِ مدد جو هٿ وڌايو ۽ 10 هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سا??ان فضائي، زميني ۽ سا??ونڊي رستن ذريعي روانو ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻ?? لاءِ سينڊائي فريم ورڪ کي لاڳو ڪر?? لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ان موقعي تي گڏيل معلومات ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ڪمزور ملڪن کي وقت کان اڳ وارننگ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.