اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام ا??م آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پاڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپ??ءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپ??ءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. هن چ??و ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپ??ءِ امن تمام ا??م آهي. هن چ??و ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.