ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، رانديون چئلينجز کي ??نهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر عارف ??لو?? چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خر?? ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خر?? ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف ??لو?? وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌندي، ??ن وقت پاڪستان جي 6 با??ولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت با??ت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بلوچستان جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.