ڪراچي – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماضي ۾ ک??تي جي عملدارن ۽ ڪي ايم سي جي ملي ڀڳت سان عوامي ڀلائي جي پلاٽن کي رهائشي ۽ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو ره??و آهي، سڄي شهر ۾ غير قانوني تعميرات ڪيرائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ماڻهن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ۾ صدر چيو ته چيف جسٽس رهائشي ۽ عوامي ڀلائي جي پلاٽن تي غير قانوني طريقي سان الاٽمينٽ ۽ عمار??ن جي تعمير کي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن.