اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسيمبلي اجلاس ۾ هنگامي آرائي سان پارليامينٽ جي توهين ٿي، ??ياستدانن کي ان تي ندامت جو منهن ڏ??ڻو پيو، اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان ادارا فنڪشنل نه ٿين، حڪومت ۽ مخالف ڌر معاهدي تي پهچي ويا آهن ته اجلاس سٺي طريقي سان هلايو ويندو، اسان جمهوريت، آئين ?? پارليامنيٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيا آهيون، 186 ميمبرن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ??جيٽ آساني سان منظور ٿي ويندي ۽ مخالف ڌر کي پهريون به چوندا رهيا آهيون ته هو اليڪٽورل ري فارمز ۽ جڊيشل ريفارمز تي ڳالهه ڪري. اها ڳالهه ڏينهن پارليامنيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي و?? ۾ تفصيلي ڳالهه ٿي، ڳالهه ٻولهه ۾ حڪومت پاران پرويز خٽڪ، اسد عمر، علي محمد خان، عامر ڊوگر ۽ هو پاڻ، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پاران رانا ثناءُ الله، اياز صادق، رانا تنوير ۽ پيپلزپارٽي پاران راجا پرويز اشرف ۽ شازيه مري شامل هئا، هن ٻڌايو ته ڳالهين ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اتفاق ٿيو ته اسيمبلي جي اندر اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان ادارا فنڪشنل نه ٿين، اسيمبلي جي اندر هنگامي آرائي سان پارليامينٽ جي توهين ٿي آهي ان سان سياستدانن کي ندامت ڪرڻي پئي، هن ٻڌايو ته ان ڏ?? ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، ??نهن ۾ معاملن کي ڏٺو ويندو ته ڪهڙي طرح ڪنٽرول ڪرڻو آهي، ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسپيڪر جا اختيار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، هاڻي ڪميٽي فيصلو ڪندي ته اسپيڪر جي اختيارن تي ڪهڙي طرح نظرثاني ڪئي و??ي ۽ ان کي ڪهڙي طرح وڌايو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي درخواست ڪئي آهي ته هو ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد جي قرارداد واپس وٺي ان تي به مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي، مخالف ڌر پنهنجي قيادت سان مشورو ??ري ان حوالي سان اڳتي و??ندي، هن چيو ته توهين ڪنهن به نه ٿيڻ گهرجي، ??نهن ??ري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي پنهنجي تقرير ۾ هڪٻئي جي توهين نه ڪرڻ گهرجي،