اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهم?? ۾ ??عاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪب??د پيش ڪئي جنهن سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيدار?? ۾ ??بديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منص??بو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻ?? طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين سالگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪب??د پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿ??ڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.