اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊس??رڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳ??رائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳ??رائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊس??رڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳ??رائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊس??رڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽ??ي ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.