اسلام ??با?? – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان ج?? وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين ??هن??يون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاه?? وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين ??هن??يون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻ?? وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاص?? ڪيا.