اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملا??ٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ض??وري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ض??بطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو