بي??نگ – 18 ??? آ??ٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بي??نگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي افتتاحي تقريب ۾ شر??ت جي لاءِ پهچي ويو. جنهن کانپوءِ نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو ۽ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي اعليٰ سطح جي فورم (اوپن عالمي معيشت ۾ رابطو) ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب به ڪندو. نگران وزيراعظم پنهنجي چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو جتي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. نگران وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميشن فار ڊسيپلين جي سيڪريٽر?? لي شي سان به ملاقات ڪندو.