اسلام ??باد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام ??ي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏه??ڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏه??ڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري ??ملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي واري ??زارت جي سيڪريٽري ??اهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏه??ڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ رو??گا??، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي رو??گا?? جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام ??وڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري ??و اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام ??ي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.