اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ل??ڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصول?? تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال آهي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو پاڻ ئي ا?? تي عمل ??ن ٿا.