اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي ش??بن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيرا??ظم کي آگاهه ڪندي. وزيرا??ظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيرا??ظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيرا??ظم جي ??اص مددگار?? ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ??يف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.