اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امداد?? سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??هچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امداد?? سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ ??ٽيلن جي وقت سر امداد تي ??اڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امداد?? سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد جي پهرين جهاز جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صو??ائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صو??ائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ ??ٽيلن جي لاءِ امداد?? سامان ??وڪ??ڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.