سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد ??لي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فاتحه ??وا??ي کان ??وڪ?? لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تلاشي ورتي پئ?? وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فاتحه ??وا??ي ڪرڻ کان روڪي سگهجي. ڪنهن کي به علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئ?? ڏني وڃي. والاريل علائقي ۾ سيد ??لي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد ??لي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.