لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي و??ير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 هين آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انهن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آز??د وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آز??دي جي ڏهاڙي تي ڀارتي و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آز??دي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلي??ج کي قبول ڪنداسين.