اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران ??ان وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز م??مان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران ??ان معزز م??مان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽ?? پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن س??ن پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪست??ن پهتو ته وزيراعظم عمران ??ان ايئرپورت تي معزز م??مان جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران ??ان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.