اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سياس?? پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چ??هيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽ?? جي ڪرپٽ قيادت پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ٻي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي ک?? پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿيندي، سياس?? پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت مٽائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.