اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ، منصوبي جو پهريون فيز للا انٽرچينج کان پنڊ دادن خان ۽ ٻيو فيز مصري ??وڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پنجاب ??ي ترقياتي بجيٽ ۾ منصوبي جي لاءِ فنڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هي??تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ دادن خان (تعلقو پنڊ دادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري ??وڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبي تي ??يندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پنجاب ??ي ترقياتي ??نڊز ۾ للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ??ي تعمير لاءِ فنڊز رکڻ ۽ منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ??ورا مڃيا. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.