اسلام آب??د – پهرين جنوري (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سال 2022ع جي شروع ٿيڻ تي اس??ن کي تلخيون گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، حڪومت ۽ مخالف ڌر اليڪشن، معيشت، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي اس??ن کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. پارليامينٽ ۾ فساد عام ماڻهو جي نظر ۾ سياستدانن جو وقار گهٽ ڪري ٿو.