اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ??رب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ??رب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ??رب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. ممل??تي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواست??ن قرضن ??ي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، ممل??تي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.