اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪ??ڻ ۾ نمايان مدد مل??دي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??عل??م ۽ پيشيوراڻي ??ربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني ??عل??م ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين ايس يو جي ??عل??مي پروگرامن کي معلومات فراهم ڪ??ڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ ??عل??مي پروگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مار??يٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪ??ڻ ۾ مدد مل??دي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مار??يٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجوئيٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي پاران پيش ڪيل ??عل??مي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پروگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.