ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي س??ح تي فلاح?? ڪمن جي حوالي س??ن عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني س??زمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچ?? ڪميونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي س??گرمين جي حوالي س??ن بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي س??راهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان حڪ??مت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪ??مت وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.