اسلام آباد – 09 آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??جب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن م??جب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيڪي ع??م ٻيلن ??ي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به پوکيندو. ان کانپوءِ وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.