ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آه??، جاگرافيائي جي حوالي سان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آه?? جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا روشن امڪان آه??. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياس?? تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچست??ن ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آه??. ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.