اسلام آباد ??? 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا ??حسن آهن، تحريڪ انصاف سدائين ا??هن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آهي، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گه?? رقم جو آهي، ا??هن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي ا??هن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.