اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ور ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ??امياب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان عزم کي ورجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پ??ي، اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪي?? ويندو. پي ٽي آءِ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪور ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ??امياب ڪوششن کي ساراهيو. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لا??) کي قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لا??ِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪي?? ويندو، ڀلي ان جي ??ا به قيمت ڇو نه هجي.