اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، سفارتخانن جو پاڪستاني شهرين سان ??وآبادياتي دور وارو رويو قابل قبول نه آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري پاڪستا?? ڏيوالپڻي کان ??حفوظ رهيو، اسان ??نهنجي شهرين کي لاوارث نه ٿا ڇڏي سگهون. وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته پرڏيهي پاڪستاني اسان جي سڀ کان وڏ?? طاقت آهن.