اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ??ار??يامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته ??ار??يامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو ??ار??يامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ??ار??يامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسل?? ۾ ??ن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اه?? واکاڻ جوڳو آهي. ??ار??يامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ??ار??يامينٽ جي خصوصي ڪم??ٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اه?? تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ ??قيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، ??ار??يامينٽ جي خصوصي ڪم??ٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.