اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته برطانوي حڪومت کي سفارتي ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته جوابدار نواز ??ريف عدالتن کي گهربل آهي، ميزبان ملڪ ان کي پاڪستان جي حوالي ڪري، ماضي ۾ انهن سياسدانن آخري ٺڪاڻي جي ڪري برطانيا، آمريڪا سميت ٻين ملڪن سان ڏوهارين جي مٽاسٽا جا معاهدا نه ڪيا، ڪراچي واقعي تي آرمي چيف ۽ سنڌ حڪومت جي انڪوائري رپورٽ تي سامهون ايندڙ سفارشن تي سنڌ حڪومت جي ذميداري هوندي ته هو ان تي عم??درآمد ڪرائي، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وراثتي سياست جي پيداوار آهن، احتساب جو عم?? ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندو، تمام جلد سمورا ڪرپشن ۾ ملوث جيلن ۾ هوندا، ا??و به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي واقعي ۾ سنڌ حڪومت جو پنهنجو ئي ڪردار هجي صرف ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ادارن سان جنگ جو ماحول بڻايو پيو وڃي، حقيقي مخالف ڌر جو وجود ئي نه آهي، پراڊڪشن آرڊر، قيادت جي ڪرپشن کي لڪائيندڙ حقيقت ۾ مفاد پرستن جو ٽولو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت مسلسل بهتري طرف وڃي رهي آهي، اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري صورتحال مع??ول تي اچي رهي آهي، روزاني ٻاهرين ملڪن کان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.