اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ معاشري جي تعمير ۽ ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري س??هن ٿا، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ اسان سڀني تي لازمي آهي، اسان جي ٿورڙي ڌيان سان انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀري س??هن ٿا. پارليامينٽ کي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي انهي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم ۽ ت??بيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.