گڏيل قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر با??ت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل س??ٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان عمران خان با??يو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪ?? اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، پاڪستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پاڪستان ج?? اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو ه??ي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.