اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي د??ستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار سينيٽ ??يئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي د??ران ڪيو، سينيٽ ??يئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز ??ان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.