اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صو??ي جي عوام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صو??تحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ج??مع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي ??هي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته ڪراچي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي ??هي ان سان وفاقي حڪومت لاعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي عوام سان پوري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صو??تحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صو??ائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.