اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عم??ان خان چي?? آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ و??ير??عظم چي?? ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارتي و??ير??عظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ ??و ذميوار آهي. و??ير??عظم عم??ان خان چي?? ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چي?? ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ اي??ان جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان و??ير??عظم چي?? ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.