اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اي?? ڊي اي?? اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعم??ل ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه جناح چيسٽ اي??ڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپوءِ صحافي?? سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدم?? سان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عمل?? ۽ ??اڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي اسان سڀني کي فخر آهي.