اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي سگهن، وز??راعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وز??راعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ??رڻ?? پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وز??راعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وز??راعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وز??راعظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.