اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميدا??ي آهي ۽ حڪومت ان ??لسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد سان قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئ??ده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوهن خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان ??عليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.