اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (??ي سي سي) ايف بي آر جي تجويز تي ايف بي آر ريفنڊ ??يٽ??يمينٽ ڪمپني لميٽيڊ تحت جاري ڪيل 30 ارب رپين جي بانڊز جي عيوض ايتري ئي رقم جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي ادائيگي ۽ چيڪن جي صورت ۾ سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪرڻ سميت ملڪ ۾ تيل جي ڳولا ۽ پيداوار وڌائڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري سهولتن کي بهتر بڻ??ئڻ، ٻي?? ضمني معاملن بابت 18 ملڪي قانونن ۽ ان سان واڳيل اٽڪل 25 قانوني مرحلن کي آسان ۽ سادو بڻ??ئڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.