اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موج??د پراڻن مسئلن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿيڻ جي اڄ به منتظر آهي، سلامتي ڪائونسل کي پ??هن??ي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنج?? پيغام ۾ ڪيو.