اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير??ان??ني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غير??ان??ني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ م??لمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي ??ان??ن به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غير??ان??ني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏ??ڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قو??ون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ م??روف آهي ۽ اهي ڀارت جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.