اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افراد?? قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انساني وس??لن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افراد?? قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وس??لن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي ??ه منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غاز?? خان سان مفاهمت جي يادداشت جي ??ه منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.