اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هد??يت ڪئي آه?? ته پهرين عوام جي ضرورت ??ي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه?? ۽ هد??يت ڪئي آه?? ته پهرين عوام جي ضرورت ??ي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هد??يت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن ??ي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هد??يت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ??ه لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.