اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ??رتو، حلف بر??اري جي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف بر??اري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وفاقي ڪ??بينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻن، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪابينا جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپريل تي 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپريل تي وفاقي ڪ??بينا ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وزير ۽ هڪ مملڪتي وزير کي شامل ڪيو ويو هو، ڪابينا ۾ پهرين ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي.