ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچس??ان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀر??ور معاونت فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچس??ان ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، بلوچس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، سردار محمد اختر جان مينگل، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچس??ان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، بلوچس??ان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ??ئي?? وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀر??ور معاونت فراهم ڪندي.