اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف کي عهدو سن??ال?? تي قطر جي امير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ ن??ئب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ ن??ئب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم ش??با?? شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم ش??با?? شريف وڌيڪ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. وزيراعظم ش??با?? شريف چيو ته قطر سستي ترين اي?? ا??ن جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. وزيراعظم ش??با?? شريف قطر جي امير ۽ ن??ئب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.