لاهو?? – 10 – م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪموڊٽي سُپر سائيڪل جي باوجود حڪومت تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ گورننس جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ جو جد??د نظام متعارف ڪرايو. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت ۽ اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ پنجاب جي سربراهه فضيل آصف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.