بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني ڪارپوريٽ اڳواڻن کي سي??پڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي پيڪ خصو??ي اقتصادي زونز ۾ سي??پڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ??مپ??ين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ??مپ??ي، هائوزانگ ٽيڪنالاجي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ، چيلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چ??ئنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪاغذن جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، هائوسنگ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سي??پڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ??مپ??ي تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي، هائوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪاغذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي ٿي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چيلينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ??مپ??ي آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، رائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سول انجنيئرنگ ۽ تعميراتي مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، زنگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چ??ئنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ??مپ??ين مان هڪ آهي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيني ??مپ??ين جي پاڪستان ۾ سي??پڪاري ۾ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيني ڪارپوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني سي??پڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي پيڪ خصو??ي اقتصادي زونز ۾ سي??پڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.