اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽ??ڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽ??ڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ??صنوعي ذهانت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي ??يپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي، پاڪستان هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، سائبر حملن جي تدارڪ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ??يپ تمام گهڻو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي ??ري ئي ٽيڪنالاجي سستي هجڻ جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، ??ن چيو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آهي پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آهي، اهو واضح رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽ??ڪنالاجي ??ي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ابتڙ ننڍيون ڪمپنيون وڌيڪ ڪامياب رهيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ مخصوص سببن ۽ مسئلن جي ??ري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ان جي صلاحيت موجود آهي، ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي ??يپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ??ري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آهي، ان نئين رجحان روايتي تعليمي ن??ام کي چئلينج ڪيو آهي، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ روايتي تعليم ن??ام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ??ري فڪري سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به انفارميشن ٽ??ڪنالاجي جي ??ري ماڻهن جي پهچ وڌي آهي، پاڪستاني هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آهي، صدر چيو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سائبر وار جي طور تي پاڪستان ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آهن، انهن جي ازالي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت ٿيندي، پاڪستان ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آهن، اسان جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪوڙيون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽ??ڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آهي.پاڪستاني نوجوانن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي ??انسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان ممڪن ٿيو آهي، هن پاڪستان انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان مقابلي ۾ پوري پاڪستان کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ وينچر ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان موقعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کانپوءِ صدر ان موقعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو.